ماضي ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن به ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني: وزيراعظم

تربت (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ بلوچستان جي سياسي اڳواڻن به ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني.وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران تربت ۾ ترقياتي ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ افتتاح ڪيو.ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته تربت جي هڪ پنهنجي تاريخ آهي ۽ پهريون ڀيرو هتي اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، تربت ۽ بلوچستان جا نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن.هن چيو ته علم انسان کي ٻي مخلوق کان منفرد بڻائي ٿو، تعليم کانسواءِ ڪنهن معاشري ترقي نه ڪئي، اڄ اسان پوئتي رهجي ويا آهيون ۽ جيڪي علائقا پوئتي رهجي ويا آهن، اتي تعليم به گهٽ آهي، بلوچستان ۾ ڪڏهن به ايتري فنڊنگ نه ٿي جيتري اسان جي حڪومت ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ترقي نه ٿيڻ جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، هتان جي سياسي اڳواڻن به ماضي ۾ ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ بدقسمتي سان ملڪ ۾ اهڙا به سياسي اڳواڻ آيا، جن وطن کان وڌيڪ ذاتي مفادن تي ڌيان ڏنو، اهڙا به وزيراعظم آيا، جيڪي بلوچستان بدران لنڊن ويندا رهيا ۽ اهڙا صدر به رهيا، جيڪي بلوچستان بدران دبئي وڌيڪ ويا.عمران خان موجب اسان بلوچستان ۾ خاص طور تعليم جي شعبي ۾ مدد ڪنداسين، ڇو ته بلوچستان کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي سخت ضرورت آهي، هاڻ شهرن ۾ وڃي تعليم وٺڻ جي ضرورت ناهي، بلوچستان جي شاگردن لاءِ اسڪالرشپ 185 مان وڌائي 360 ڪري رهيا آهيون.وزيراعظم چيو ته غلطيون انسان کي سکڻ جو موقعو فراهم ڪنديون آهن، دنيا ۾ ڪو شارٽ ڪٽ ناهي هوندو، هر ڏکئي وقت مان نڪرڻ کانپوءِ توهان مضبوط ٿي ويندا آهيو، ڏکئي وقت کان ڪڏهن نه ڊڄو، ناڪامي کان ڪڏهن نه گهٻرايو، جيڪو مٿي ويندو آهي ان ۾ سڀ کان وڏي خوبي هار نه مڃڻ هوندي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *