سوات (بيورو) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي ڪيل غير آئيني ڪمن جو الزام سڄي فوج تي نٿا ڏئي سگهون، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جو نالو کڻي انهن کان جواب طلب ڪيون ٿا.سوات ۾ ن ليگ جي جلسي سان ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اسان جي ڪردار ڪشي ڪيو، جيلن ۾ وجهو، نالن کي گاريون بڻائي ڇڏيو پر توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته اهو نه هلندو، سرونگ ججن جي جاسوسي ڪئي ويندي آهي، صحافين جا نالا کڻي انهن جي ڪردار ڪشي ڪئي ويندي آهي ته پوءِ انهن جا نالا ڇو نه ورتا وڃن.ڪراچي واقعي تي هن چيو ته مان ان پريس رليز کي رد ڪيان ٿو، اها انڪوائري رپورٽ نه هڪ هٿ ٺوڪيو افسانو آهي، ان ۾ حقيقي ڪردارن جي نالن تي پردو وڌو ويو آهي ۽ ڪجهه ماڻهن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو، ان کي ئي رياست مٿان رياست چوندا آهن، اسان اها ئي ڳالهه ڪندا آهيون جيڪا قائداعظم ڪئي هئي، اها ئي ڳالهه جيڪا آئين ۾ لکيل آهي، اها ئي ڳالهه جنهن تي جوان حلف کڻندا آهن، توهان کي گڏجي نعرو هڻڻ گهرجي ”ووٽ کي عزت ڏيو“.نواز شريف پنهنجي تقرير ۾ عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان تي هڪ نااهل ۽ بدعنوان ٽولو مڙهيو ويو آهي، اهو توهان کي نه ڪنهن ٻئي کي جوابده آهي، ن ليگ جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪرڻ ۽ لاڏلي کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو اهو قوم ڄاڻي ٿي، مون کي پاڻ سان ۽ پنهنجي خاندان سان ٿيندڙ ظلم جو ڏُک ناهي، رڳو نواز شريف سان بغض جي بنياد تي جيئن ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي ڪئي وئي ان جواب ڪير ڏيندو؟سندس چوڻ هو مان جڏهن جنرل قمر جاويد باجوا ۽ جنرل فيض کان جواب گهرندو آهيان ته پاڪستان سان اهڙو ورتاءُ ڇو ڪيو ويو ته چوندا آهن نواز شريف اسان جو نالو ڇو ٿو کڻي، توهان ٻڌايو مان ڪنهن جو نالو کڻان، مان ڪجهه ماڻهن جي قانون شڪني جو الزام سڄي فوج کي ڇو ڏيان، توهان کي پنهنجي ان ڏوهه جو جواب ڏيڻو پوندو.اڳوڻي وزيراعظم موجب نيئن سنڌ پوليس جي سربراهه کي گهران اغوا ڪري يرغمال بڻايو ويو، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صدر جي ڪمري جو دَر ٽوڙي گرفتاري ڪئي وئي، ان تي هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي ته ذميوارن کي هٽايو ويو آهي، هتي حڪومت مٿان حڪومت قائم آهي، ڪراچي واقعي منهنجي موقف کي درست ثابت ڪيو آهي، ڇا آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز کي اهو حق آهي ته اهي غير قانوني ايف آءِ آر داخل ڪرائن، اها پريس رليز انهن جي خلاف ئي ايف آءِ آر آهي.