گلگت(م ڊ)مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته مان عمران خان جهڙي ماڻهو جو نالو وٺڻ به پسند ناهيان ڪندي.گوپس ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون ڪڏهن به هن جعلي حڪومت کي حڪومت ناهي سمجهيو ۽ نه ئي وري هن حڪومت کان ڪا درخواست ڪئي آهي. هن حڪومت جي نصيب ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ لکيل ناهي.هن چيو ته گلگت ۾ چاهي روڊ هجن، ڪينسر اسپتال هجي يا پل هجن، اهو سڀ نوازشريف ۽ (ن) ليگ جي حڪومت ٺاهيو ۽ گلگت وارن جي تڪليف کي آسان بنائي ڇڏيو آهي. گلگت ۾ انفرااسٽرڪچر سبب لکين سياح آيا. اهو انفرااسٽرڪچر به(ن) ليگ پاران ڏنو ويو آهي. مريم نواز چيو ته پاڪستان کي اڄ جيتريون بيماريون آهن چاهي ماني 30 روپين جي هجي، بجلي، گيس جي قيمت ۾ واڌ هجي، سمورن مسئلن جو هڪ ئي حل آهي جنهن جو نالو نوازشريف ۽(ن) ليگ آهي.پاڪستان ۾ موٽرويز ٺاهڻ ۽ پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪرڻ اهو سڀ نوازشريف ڪندو آهي، ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ بنا ڪنهن سبب جي جيل ۾ رهڻ به نوازشريف جو ئي ڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت کي هڪ ئي ڪم ايندو آهي جنهن جو نالو انتقام، بدزباني ۽ نوازشريف سان ساڙ آهي عمران خان جهڙي شخص جو نالو وٺڻ تي به تڪليف ٿيندي آهي ان جو نالو به وٺڻ نٿي چاهيان. ميان صاحب اڳ ئي چئي ڇڏيو آهي ته اوهان ننڍا آهيو پاسو وٺو هي وڏن جو جهيڙو آهي.منهنجي مجبوري آهي ته مون کي عوام جي ڏوهاري عمران خان جو نالو وٺڻو پوندو آهي پر جڏهن علاج ضروري هجي ته بيماري جو نالو وٺڻو ئي پوندو آهي. مريم نواز چيو ته پاڪستان کي اڄ جيڪا بيماري آهي ان جو نالو عمران خان آهي. دنيا ۾ ڪورونا وائرس هاڻ آيو پر پاڪستان ۾ 2018 ۾ اها بيماري اچي وئي هئي جيڪا ماسڪ پائڻ سان نه ويندي پر هن کي کڻي ٻاهر اڇلڻو پوندو. هن بيماري اسان جي معيشت ۽ ادارن کي پاڙن کان کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هن حڪومت جو احتساب ڪرڻو آهي ۽ احتساب جو ڏينهن هاڻ ويجهو اچي رهيو آهي.