ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا واري واقعي جي جاچ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ڪري رهيو آهي، اُميد ته رپورٽ پڌري ڪئي ويندي، رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏوهاري کي اڳيان آندو ويو، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته برسات متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ جو ڪم جاري آهي، ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم جي ٽئڪس نظام کي اپڊيٽ ڪري رهيا آهيون ته جيئن اوڳاڙي بهتر ٿئي، واٽر بورڊ جي به نون ۽ پُراڻن منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ناصر شاهه چيو ته ڪراچي ۾ ماسڪ نه پائيندڙ شهري کي 500 رُپيا ڏنڊ لڳائڻ سان گڏ 15 ماسڪ به ڏنا ويندا، پي ٽي آءِ جا وزير گُلو بٽ ۽ شيرو بٽ بڻيل آهن، شبلي فراز کي بلاول ۽ مريم لاءِ بدزباني ڪندڙ وزير جو دفاع نه ڪرڻ گهرجي.