چلاس(م ڊ): مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان جي جعلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي عوام ان کي اليڪشن ۾ ڌڪو ڏئي گهر موڪلي ڇڏيندي.چلاس ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته اڃا اليڪشن آيو ئي ناهي ۽ ڌانڌلي جا انبار لڳي ويا آهن، شينهن بيهي رهي ته گدڙ ڀڄي ويندا آهن، اليڪشن واري ڏينهن ووٽ وجهو ۽ ووٽ تي پهرو به ڏيڻو آهي.مريم نواز جو چوڻ هو ته عمران خان جي جعلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، اها حڪومت وڃي رهي آهي، توهان کي ڌانڌلي جو منصوبو ناڪام بڻائڻو آهي ۽ شينهن تي ٺپو هڻڻو آهي.ملڪ جي تقدير بدلائڻ جو وقت اچي چڪو آهي، عمران خان سواءِ ڪوڙن وعدن ۽ ٺڳي جي عوام کي ڪجهه ناهي ڏنو