اپوزيشن وارا پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ حڪومت خلاف رستن تي نڪري پيا آهن: علي امين گنڊاپور

اسڪردو (م ڊ) عمران خان اين آر او ڏئي ته نواز شريف، مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سوڌو اپوزيشن اڳواڻ عمران خان زنده آباد جا نعرا هڻڻ شروع ڪندا، وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جِي اسڪردو ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران اپوزيشن تي تنقيد، علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اپوزيشن وارا پنهنجي ڪرپشن بچائڻ لاءِ حڪومت خلاف رستن تي نڪري پيا آهن، عوام جو پئسو لٽيندڙ به غدار آهن، جِن پارٽيز جا ليڊر چور ۽ لٽيرا هجن، اُهي عوام جي حقن جو ڪهڙو تحفظ ڪنديون، ڪجهه به ٿئي، عمران خان چورن ۽ لٽيرن کي اين آر او نه ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *