جلسن ۾ فوجي قيادت جو نالو وٺڻ نواز شريف جو ذاتي فيصلو هو:بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جلسن ۾ فوجي قيادت جو نالو وٺڻ نواز شريف جو ذاتي فيصلو هو، لازمي آهي نواز شريف بنا ثبوتن جي نالو نه ورتو هوندو، انتظار آهي ته نواز شريف ڪڏهن هو ثبوت پيش ڪري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ايجنڊا تيار ڪرڻ وقت نواز ليگ فوجي قيادت جا نالا نه ورتا هئا، اي پي سي ۾ اتفاق ٿيو هو ته ڪنهن اداري جو نالو وٺڻ بدران اسٽيبلشمينٽ چيو ويندو، گجرانوالا واري جلسي ۾ نواز شريف جي تقرير دوران فوجي قيادت جا نالا ٻڌي ڌچڪو لڳو، عام طور تي اسان جلسن ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهيون، ميان نواز شريف جي پنهنجي پارٽي آهي ۽ اُن کي آئون ڪنٽرول نٿو ڪري سگهان، برطانوي خابرو اداري کي خصوصي انٽرويو دوران بلاول ڀٽو چيو ته پي ڊي ايم جو قطعي اهو مطالبو نه آهي ته فوجي قيادت عهدي تان هٿ کڻي وڃي، ٺهراءُ ۾ به اهڙي مطالبي کي شامل ناهي ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *