اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ وڏين، وچولين ۽ ننڍين صنعتن کي 25 کان 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي مهيا ڪرڻ واري خصوصي پيڪيج جو اعلان، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي ۽ وچولي صنعت کي گهڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي پهرين نومبر کان جون مهيني تائين 50 سيڪڙو رعايت سان بجلي مهيا ڪئي ويندي، وڏين صنعتن کي گهڻي بجلي استعمال ڪرڻ تي 2019ع جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو رعايت سان بجلي ڏني ويندي، مجموعي طور سمورين صنعتن کي ايندڙ ٽن سالن تائين رعايت سان بجلي مهيا ڪئي ويندي، هاڻي سمورين صنعتن کي 24 ڪلاڪ پي آورز طور بجلي مهيا ڪئي ويندي، توانائي شعبي لاءِ خصوصي پيڪيج جي اعلان دوران وزيراعظم چيو ته ڏکئي وقت مان نڪري ويا آهيون، پر ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز تي عمل نه ٿيو ته ٻيهر ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت ۽ عوامي جاين تي ماسڪ لازمي طور پائڻ گهرجي.