اياز صادق جو بيان غلط بياني جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو: قمرزمان ڪائره

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرزمان ڪائره چيو اهي ته اياز صادق جو بيان غلط بياني جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو جڏهن ته غداري جي نه ۽ مان اسيمبلي فلور تي غلط بياني جي حق ۾ نه آهيان قمر زمان ڪائره هڪ انٽرويو ۾ چيو ته گلگت بلتستان ۾ عوامي جوش ۽ جذبو ڏٺو آهي ۽ اميد آهي ته اسان جي چونڊ مهم ڪامياب ٿيندي هن چيو ته پ پ پ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي ڇو ته پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو گلگت بلتستان جي هر علائقي ۾ وڏو استقبال ڪيو ويو اياز صادق جي معاملي تي ڳالهائيندي قمر زمان ڪائره چيو ته اياز صادق جو بيان ڪهڙو قومي راز هو جيڪو ظاهر ٿي ويو جڏهن ته اياز صادق جو بيان غلط بياني جي زمري ۾ اچي سگهي ٿو پر غداري جي نه

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *