حيدرآباد (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس نااهل وزير عوامي مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر سان جهيڙو ڪرڻ ۾ پورا آهن.گهٻراهٽ جو شڪار نيازي سرڪار سياسي اڳواڻن خلاف غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ شروع ڪيا آهن. نيازي سرڪار کي جلد گهر ڀيڙو ڪنداسين. ٻيٽن بابت صدارتي آرڊينينس غيرقانوني آهي، جنهن کي سنڌ ۽ بلوچستان جون اسيمبليون رد ڪري چڪيون آهن. ٽنڊوڄام ۾ جلد عورتن لاءِ يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي. تڪ ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن.اها ڳالهه هن ٽنڊوڄام ۾ گرلز ڊگري ڪاليج جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. هن چيو ته نيازي سرڪار جي نااهلي سبب عوام ملڪي تاريخ جي بدترين مهانگائي ڀوڳي رهيو آهي. غربت ۽ بيروزگاري عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ملڪ سخت انتشار جو شڪار آهي پر عمران خان ۽ سندس نااهل وزير ۽ مشير عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ هر وقت مخالف ڌر جي اڳواڻن سان جهيڙو ڪرڻ ۽ انهن خلاف غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ ۾ رڌل آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ ڪوبه غدار نه آهي. عمران خان جي حڪومت پهريائين چور ۽ ڌاڙيل هجڻ جا سرٽيفڪيٽ ورهايا پر ان ۾ ناڪامي بعد غداري جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ شروع ڪيا آهن پر ملڪ ۾ ڪوبه غدار ناهي. غداري جا الزام مڙهيندڙ نه ملڪ جا سڄڻ آهن ۽ نه ئي قوم سان مخلص آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت مڪمل طور تي انتشار ۽ پريشاني جو شڪار آهي. عمران خان جي تازين تقريرن ۾ هو سخت گهٻراهٽ ۽ وائڙائپ جو شڪار نظر آيو آهي. هن تقريرن دوران ملڪ ۾ مهانگائي، بک ۽ بدحالي جي ذڪر ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر کي دڙڪا ۽ دهمان ڏنا آهن. اصل ۾ عمران خان جي حڪومت جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن به ڪنهن حڪومت جا پويان ڏينهن هوندا آهن ته حڪمران اهڙي قسم جون حرڪتون ڪندا آهن.هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن جا مالڪ سنڌ جا رهواسي آهن. ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس غير قانوني آهي ۽ بدنيتي ۽ منافقت تي مبني آهي. جنهن کي سنڌ ۽ بلوچستان جو اسيمبلون رد ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت ايوان صدر کي آرڊينينس فيڪٽري بڻائي ڇڏيو آهي.هن چيو ته ٽنڊوڄام جي عوام سان جيڪي به واعدا ڪيا آهن اهي وفا ڪري رهيا آهيون. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف زرداري جي ويزن ۽ وزير اعليٰ جي ذاتي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٽنڊوڄام ۾ گرلز ڪاليج قائم ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ علائقي جون هزارين نياڻيون علم جي زيور سان آراسته ٿينديون. جڏهن ته واٽر سپلاءِ اسڪيم تي به ڪم هلندڙ آهي. جنهن ۾ تيزي آڻي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي ۾ روڊ رستن جي ڄار سميت ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ۽ پارٽي قيادت جي هدايتن تي ماڻهن جا بنيادي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ٽنڊوڄام ۾ هفتي ۾ ٻه ڏينهن بچت بازار لڳائي ويندي. جنهن ۾ عوام کي روزمره جو شيون سستي اگهه تي فراهم ڪيون وينديون.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته نياڻين کي به ڇوڪرن وانگر تعليم جي زيوار سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ سرڪار جا ٿورائتا آهيون جن علائقي جي نياڻين لاءِ اعليٰ تعليم جا دورازا کوليا آهن.پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد ٻهراڙي جي انفارميشن سيڪريٽري اسماعيل وساڻ خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت شهيد بينظير جي مشن کي اڳتي وڌائيندي ٽنڊوڄام جي عوام کي نياڻين جي تعليم لاءِ گرلس ڪاليج جو تحفو ڏيئي هتان جي عوام جو دليون کٽي ورتيون آهن. شرجيل انعام پاران تعلقي ۾ جي عوام لاءِ ڪيترائي ميگا منصوبا شروع ڪيا آهن.انهي کان اڳ شرجيل انعام ميمڻ ڪاليج جي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکي عمارت جي تعمير جو افتتاح ڪيو. جڏهن ته شرجيل انعام ميمڻ زرعي يونيورسٽي جو دورو پڻ ڪيو. جتي هن ٻوٽو پڻ پوکيو ۽ تعلقي ۾ وڻڪاري مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو.تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد ٻهراڙي، قنديل فاطمه ميمڻ، راول شرجيل ميمڻ، ذيشان ميمڻ، پ پ ليڊيز ونگ حيدرآباد ٻهراڙي جي صدر زيب النساءَ ملاح، رائو منان راجپوت، رائو اصغر راجپوت، فرمان کٽياڻ، سيد حيدر شاهه، اسلم مگسي، محمد ٿيٻو، نثار کٽياڻ، حاجي شاهد جوڻيجو، علي نواز ڏاهري، غلام نبي ڪوري، مير علي حيدر ٽالپور، موسيٰ کوکر، شاهجهان پنهور، اسماعيل ڪنڀر سميت واپاري ۽ سماجي اڳواڻن، پارٽي جيالن، عورت ڪارڪنن، شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.