ش، ن ۽ م ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پيغام ملي ويو آهي ته اسان گڏ آهيون: مريم نواز

لاهور: (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جو چيو آهي ته ش، ن ۽ م ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پيغام ملي ويو آهي ته اسان گڏ آهيون.احتساب عدالت ۾ شهباز شريف جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي مريم نواز به احتساب عدالت پهتي. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ احتساب  عدالت پهتي جتي ان  سان گڏ مريم اورنگزيب ۽ احسن اقبال سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.مريم نواز جي عدالت پهچڻ تي ليگي ڪارڪن وڏي انگ ۾ عدالت ٻاهران جمع ٿي ويا ۽ سندس اچڻ تي نعريبازي ڪئي. نيب اختيارين اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه  شهباز کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي احتساب عدالت جي جج ڪيس تي مختصر ٻڌڻي کان پوءِ اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ مريم نواز جي عدالت واري ڪمري ۾ شهباز شريف سان ملاقات ٿي.ان موقعي تي مريم نواز صحافين سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي چيو ته هنن کي جيتري دهشت جمهوري قيادت کان آهي  اها ڪنهن کان ناهي. حڪومت جو معيار سيٽ ڪري رهيا آهيون کين ڀڳتڻو پوندو. هن چيو ته ايندڙ سال اليڪشن جو سال آهي ۽ گلگت بلتستان ۾(ن) ليگ اليڪشن کٽيندي، مريم نواز چيو ته ش ليگ ۽ م ليگ جون ڳالهيون ڪندڙن کي پيغام ملي ويو آهي ته اسان گڏ آهيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *