فرانسيسي صدر خلاف مسلم دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، تهران ۾ ڌرڻو، ڍاڪا ۾ مظاهرو

October 29, 2020 at 7:41 pm

تهران: (م ڊ) فرانسيسي صدر جي گستاخ بيانن جي خلاف مسلم دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي. تهران ۾ فرانسيسي سفارتخاني جي ٻاهران سوين ماڻهن ڌرنو هنيو.ڍاڪا ۾  به هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. گستاخ خاڪن ۽ فرانسيسي صدر ميڪرون  جي خلاف مسلمانن جو سخت رد عمل جاري آهي. تهران ۾ فرانسيسي سفارتخاني جي ٻاهران سوين ايرانين ڌرڻو هنيو. مظاهرين فرانسيسي صدر جي پوسٽر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن فرانس جي شين جو بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو. عورتن به سفارتخاني جي سامهون لڳل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. بنگلاديش ۾ به وڏو مظاهرو ڪيو ويو.ڍاڪا جي جامع مسجد مان نڪتل ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن فرانسيسي سفارتخاني طرف مارچ ڪيو. ديني پارٽين جي ڪارڪنن فرانسيسي صدر جي پتلي کي باهه ڏني. مظاهرين فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري جو به مطالبو ڪيو.هوڏانهن ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته اظهار جي آزادي ۽ مذهبي هنڌن جي گستاخي سان تعلق نٿا رکون. اسان پنهنجي حق تان پوئتي نه هٽنداسين. يورپ هاڻ اسان  کي سڌو سنئون نشانو بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هو اسلام جي خلاف پنهنجي نفرت کي لڪائڻ جي ضرورت به محسوس نٿا ڪن.

اي پيپر