اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير اطلاعات شبلي فراز چيو آهي ته سياسي پارٽين کي قومي ادارن جي خلاف ڳالهائي دشمن کي خوش نه ڪرڻ گهرجي.خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آزاد بلوچستان جو نعرو ڪهڙي ڳالهه طرف اشارو آهي؟ ٻاهر ويهي ملڪي اداري جي خلاف ڳالهائڻ ڪهڙي حب الوطني آهي.؟ شبلي فراز چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪ فوج سرگرم آهي، هڪ طرف دهشتگردي جي خلاف ادارا سرگرم آهن ته ٻئي طرف ادارن جي خلاف ڪجهه ماڻهو سرگرم آهن.هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ ڇو(ن) ليگي اڳواڻن جي بيانن جي مخالفت نه ڪئي وئي. سياسي پارٽين جو(ن) ليگي اڳواڻن جي بيانن سان اتفاق ئي ملڪ دشمن بيانن کي هٿي ڏيندو آهي. وفاقي وزير اطلاعات جو چوڻ هو ته نوازشريف مختلف ڪيسن ۾ قوم جو ڏوهاري آهي. هنن ٻاهران پئسو ٺاهيو ۽ هاڻ هو اتي ويهي ادارن کي گاريون ڏئي رهيا آهن.