ڪوئيٽا(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي واقعي رياست جي مٿان رياست واري ڳالهه کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو، نااهل ماڻهو کي حڪومت ۾ ويهارڻ جو فيصلو فوج نه پر ڪجهه ڪردارن جو هو.ڪوئيٽا جي ايوب اسٽيڊيم ۾ مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي ٽئين جلسي سان ويڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ۾ مسلم ليگ ن جي سربراهه ۽ اڳوڻحي وزير اعظم نواز شريف چيو ته اڄوڪي جلسي مان واضح ٿي ويو آهي ته هاڻ ڪير به ووٽ جي عزت جي پانالي نه ڪري سگهندو ۽ ووٽ جي عزت ڏانهن ڪير به ميري اک نه کڻي سگهندو.سندس چوڻ هو ته مير حاصل بزنجو جي ياد پئي اچي جيڪو پنهنجي والد جيان بهادر هو ۽ هر فورم تي خطرن کان بي نياز ٿي سچي ڳالهه ڪندو هو.هن چيو ته مون کي خبر آهي ته محسن داوڙ ۽ نديم اصغر کي ڪوئيٽا ايئرپورٽ تان سيڪيورٽي جي نالي تي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي اسان سڀ ان عمل جي سختي سان مذمت ڪيون ٿا، بلوچستان ۾ مري، مينگل، بگٽي بزنجو ۽ ٻين قبائلين سان جيڪو سلوڪ ٿيو ۽ هن وقت تائين ٿي رهيو آهي اُهو اسان سڀني جي لاءِ انتهائي ڏک ۽ افسوس جو سبب آهي.نواز شريف چيو ته غداري جو ليبل ان شخص جي مٿي تي چپڪايو ويو جنهن ڪنڌ کڻي ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ظلم ۽ جبر جي خلاف حتجاج ڪيو ۽ جنهن آزاد قوم جو آزادي شهري هئڻ جو حوصلو ڪيو، مريم نواز چيو ته پاڪستان جي تقدير تبديل ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻ هتي غداري جا سرٽيفڪيٽ نه ورهائيندا، مائرن جا سپوت، ڀيڻن جا ڀائر گم نه ٿيندا.نواز ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سليڪٽرز ٻڌِي ڇڏن! توهان جَي ٻن سالن جِي نه، پر 72 سالن جِي محنت ضايع ٿيڻ وارِي آهي. هاڻي عوامي حاڪميت جو سِج اُڀرڻ وارو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽرز کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي سان به انصاف ڪيو وڃي، اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ووٽ کي عزت ڏيو، رياست مٿان رياست قائم نه ڪريو ۽ جعلي حڪومتون ٺاهڻ بند ڪريو، ڪوئيٽا ۾ جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته ووٽ کي عزت نه ملڻ ڪري هن وقت بلوچستان جي بدترين حالت آهي، صوبي ۾ اهڙي حڪومت ٺاهي ويندي آهي، جنهن جِي ڏور عوام وٽ نه، پر ٻين جَي هٿن ۾ هوندي آهي، بلوچستان ۾ باپ نالي پارٽي ٺاهي اُن مان پيدا ٿيل ٻار کي وڏو وزير بڻايو ويو.