ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ڪرونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو اهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 310 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 136 مريض صحتياب ٿيا آهن وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 9019 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 310 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 3.4 سيڪڙو جي شرح بڻجي ٿي هن چيو ته الله پاڪ جو ڪرم آهي جو گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وبا سبب هڪ به موت رپورٽ ناهي ٿيو ۽ هن وقت ڪرونا وائرس سان فوتين جو انگ 2598 آهي، هن چيو ته هن وقت تائين 1590779 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن جنهن سان 143836 ڪيس ظاهر ٿي چڪا آهن