نوابشاهه (رپورٽر) ڪراچي ۾ آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي يرغمال بڻائي رٽائرڊ ڪئپٽن صفدر خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، جاچ جي طريقيڪار ۾ قوم کي ڦاسايو پيو وڃي، اسان جي اڳيان صورتحال واضح آهي، اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سنڌ پوليس آرمي چيف طرفان اعلانيل جاچ جو انتظار ڪري رهي آهي، پوليس جو ردعمل ٻڌائي ته واقعي جو ذميوار ڪير آهي، جڏهن ڪو ادارو حدون اورانگهي ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪري ته صورتحال خراب ٿي ويندي آهي، نواب شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان مطالبو ڪيو ته صوبائي حڪومتن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن اُهي پنهنجا وسيلا عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪري سگهن، سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ مقامي ماڻهن جي ملڪيت آهن، اُنهن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.