پاڪستان لاءِ عظيم خوشخبري، نيٺ صحيح رُخ ڏانهن هلي پيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عظيم خوشخبري آهي، نيٺ صحيح رُخ ڏانهن هلي پيا آهيون.ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته سيپٽمبر ۾ 73 ملين ڊالر جي سرپلس سان ڪرنٽ اڪائونٽ پهرين ٽن مهينن لاءِ 792 ملين ڊالر سرپلس ٿي ويو آهي.هن چيو ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ 1492 ملين ڊالر خسارو هو، جڏهن ته گذريل مهيني ۾ برآمد 29 سيڪڙو وڌي ۽ ناڻي جي پهچ ۾ 9 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *