ڪيپٽن (ر) صفدر عدالتي حڪم تي آزاد، سندس گرفتاري ۾ اسانجو هٿ نه هو: سنڌ سرڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عدالت قائداعظم جي مزار جي تقدس پامالي الزام ۾ گرفتار ڪيل ن ليگ ڪيپٽن (ر) صفدر کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو.ن ليگ نائب صدر مريم نواز پريس ڪانفرنس ۾ دعويٰ ڪئي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي ضمانت ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ اسان ٻئي گڏ لاهور روانا ٿينداسين.ان کان اڳ پوليس مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو.پوليس عزيز ڀٽي ٿاڻي کان عدالت لاءِ ڪيپٽن (ر) صفدر کي تڪتربند ۾ ويهاريو ته ان موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ موجود هو، جن بڪتربند گاڏين جو گهيرو ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري پڻ موجود هئي، جنهن بڪتربند گاڏي کي ڪڍڻ لاءِ ڪارڪنن کي پوئتي ڌڪيو، پوءِ پوليس ڪيپٽن (ر) صفدر کي وٺي رواني ٿي وئي.پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ ڪيپٽن (ر) صفدر کي سٽي ڪورٽ پهچايو، جتان کيس جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.واضح رهي ته علي الفجر ڪيپٽن (ر) صفدر کي ڪراچي جي نجي هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو هو، کيس قائداعظم جي مزار جي تقدس پامالي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب شهري وقاص جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ 200 ماڻهو نامزد آهن، ڪيس ۾ مارڻ جي ڌمڪي، سرڪاري هنڌن کي نقصان پهچائڻ ۽ مزار ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ مريم نواز ڪراچي پهتي هئي ۽ قائداعظم جي مزار تي حاضري وقت ڪيپٽن (ر) صفدر ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا نعرا هڻايا هئا.سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري کي پي ڊي ايم ۾ ڏار وجهڻ جي سازش جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو.ٽوئيٽر تي جاري ڏيندي سعيد غني چيو ته قائداعظم جي مزار تي ڪيپٽن صفدر جيڪو ڪجهه ڪيو اهو نامناسب هو پر جنهن انداز ۾ ڪراچي پوليس گرفتاري ڪئي آهي، اهو عمل مذمت جوڳو آهي.هن چيو ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري سنڌ حڪومت جي هدايتن تي نه ٿي، پوليس جو اهو قدم پي ڊي ايم جماعتن ۾ ڏار وجهڻ جي سازش جو حصو آهي، جنهن کي اسان ناڪام بڻائينداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *