طاقتور قوتن آءِ جي سنڌ کان ايف آءِ آر ڪٽرائي، دم اٿوَ ته گرفتار ڪيو: مولانا فضل الرحمان/مريم نواز

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ڪراچي ۾ سنڌ پوليس طرفان ڪيپٽن (ر) صفدرجي گرفتاري کان پوءِ چيو آهي ته مون کي ويجهي ماڻهن جي ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش بدران جيڪڏهن همت اٿَو ته مون کي گرفتار ڪيو.مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي صدر مولانا فضل الرحمان پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ڊي ايم جي اڳواڻ ڪيپٽن صفدر کي اڄ صبح سوير هوٽل مان گرفتار ڪيو ويو جتي هن سان گڏ سندس زال به موجود هئي.سندس چوڻ هو ته رينجرز هن جي ڪمري تي حملو ڪيو ۽ سندن ڪمري جو دروازو ٽوڙيو، ڇا سان جي معاشري ۾ ڪنهن عورت کي اِها حرمت آهي، اهڙي حرڪت دنيا جي ڪنهن مهذب ملڪ ۾ نٿي ٿي سگهي، اسان ڪهڙي منهن سان چونداسين ته اسان هڪ مهذب قوم آهيون.هن چيو ته ائين ته مفتوح قوم سان ڪيو ويندو آهي جو هو ان قوم جي احتران کي انساني حق نٿا سمجهن ۽ پوءِ سنڌ جي صوبائي حڪومت موقف ڏئي چڪي آهي ته وڏي وزير کي به بي خبر رکيو ويو آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته انسپڪٽر جنرل (آءِ جي) پوليس گهر ۾ ڪنهن قدم کان انڪار ڪيو ته کيس اغوا ڪيو ويو، مضبوط قوتن جي آفيس ۾ کيس يرغمال رکي ايف آءِ آر داخل ڪرائي، هاڻ ٻڌايو ملڪ ۾ حڪومت ڪنهن جي آهي، جبر ۽ ظلم جي حڪومت پاڻ کي ڪنهن آئين ۽ قانون جو پابند نٿي سمجهي.هن چيو ته جتي ڪا قوت پنهنجي پاڻ کي ڪنهن قانون ۽ آئين جو پابند نٿا سمجهن ته ان کي معاشري ۾ نري بدمعاش چيو ويندو آهي ۽ اڄ جيڪا حرڪت ڪئي وئي آهي اُها بدمعاشي آهي، سياستدان قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي احتجاج ڪرڻ جا نڪتا آهن، پي ڊي ايم وجود ۾ اچي چڪي آهي، تحريڪ هلي چڪي آهي ۽ جعلسن ۾ عوام جي شرڪت ڏسڻي آهي.هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جي آمراڻي ذهنيت جيڪا پاڻ کي ڪنهن قانون ۽ آئين جو پابند نٿي سمجهي، ان حد تائين حواس وڃائي چڪي آهي جو هن کي لڳي ٿو ته هاڻ انهن حڪمرانن جا ڏانهن ڳڻجي چڪا آهن، اِهي حرڪتون انهيءَ وقت ٿينديون آهي، جڏهن ڪِوِل جي مرڻ جو وقت ايندو آهي ته هن جا پَرَ نڪري ايندا آهن.هن چيو ته اڃان ته اسان رڳو ٻه جلسا ڪيا آهن ۽ انهن ڪِوِلين جا پر نڪري آيا آهن ته اندازو لڳايو ته هاڻ هنن جي حياتي جا ڪيترا لمحا باقي بچيا آهن.مولانا فضل الرحمان چيو ته هڪ سازش جي تحت سنڌ صوبي ۾ اِها حرڪت ڪرائي وئي، جو هتي حڪومت پ پ پ جي آهي اهڙي طرح پي ڊي ايم ۽ پ پ پ جي وچ ۾، مسلم ليگ ۽ پ پ پ جي وچ ۾ بداعتمادي پيدا ٿي ويندي پر اسان جي طرفان ڪنهن قسم جي مصلحت کي روا ناهي رکيو ويو.سندس چوڻ هو ته اڄ بلاول ڀٽو سان به ڳالهيون ٿيون، آصف علي زرداري ۽ امداد علي شاهه سان به منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي هنن ان تي افسوس ۽ شرمندگي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اڄ پاڪستان پ پ پ ۽ پي ڊي ايم جو مرڪزي سينيئر نائب صدر راجا پرويز اشرف ۽ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه به موجود آهي. هن چيو ته چون ٿا ته قائد اعظم جي مزار تي هنگامو ڪيو آهي، اسان توهان کي ڏيکاري سگهون ٿا ته جڏهن پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ساڳي مزار قائد جي مٿان هنگامو ڪندي نظر پيا اچن اُتي انهن کي هنگامو نظر نه آيو، جڏهن پي ٽي آءِ جي ماڻهن مسجد نبوي ۾ نواز شريف جي خلاف نعرا هنيا، جتي الله جو حڪم آهي ته رسول الله صه جي آواز مٿان پنهنجو آواز اونچو ناهي ڪرڻو نه ته سموري ڄمار جا عمل غرق ٿي ويندا، مسجد حرام ۾ نعرا هنيا ويا، توهان وٽ مسجد حرام، مسجد نبوي ۽ قائد اعظم جي مزا جي حرمت جو خيال ناهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته ان مسئلي تي رڳو مسلم ليگ ن نه پر سڄي پي ڊي ايم فريادي آهي، اسان جي ڀيڻ، ڌيءَ مريم نه پر اسان جي مٿان ۽ سڄي پي ڊي ايم تي حملو آهي ۽ جڏهن مريم نواز هتي آئي ته اُها هتان جي حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي مهمان آهي ان ڪري ميزبانن تي حملو آهي، اِهو اسان جي حرمت تي حملو آهي ۽ اسان پنهنجي حرمت جو فيصلو ڪهڙي طرح ٿا ڪيون اُهو اسان ڄاڻون ٿا.ان موقعي تي مريم نواز چيو ته پي ڊي ايم ۽ ٻين ماڻهن جن فون ڪري ڳڻتي جو اظهار ڪيو انهن جي ٿورائتي آهيان.ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري بابت هن چيو ته صبح 6 وڳي جي لڳ ڀڳ اسان ستا پيا هئاسين ته اسان جي ڪمري جو دروازو زور زور سان کڙڪايو ويو ۽ جڏهن صفدر دروازو کوليو ته ٻاهر پوليس بيٺي هئي ۽ هنن چيو ته گرفتار ڪرڻ آيا آهيون.هن چيو ته صفدر چيو ته آئون واپس اچان ٿو ۽ اِهو چئي اندر آيو ته پوليس دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي ۽ هن کي گرفتار ڪري کڻي وئي.مريم نواسز چيو ته بلاول ڀٽو فون ڪري اسان کي چيو ته اسان ڏک آهي ته توهان اسان جا مهمان هئا ۽ اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو ۽ اهڙي طرح سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به فون ڪري چيو ته اسان شرمندا آهيو جو ان طرح جو واقعو ٿيو.هن چيو ته مون کي هڪ لمحي به ائين نه لڳو ته اِهو سڀ پيپلز پارٽي ڪيو آهي، اسان ڄاڻون ٿا ته ان جي پٺيان ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي.سندس چوڻ هو ته اسان کي خبر هي آهي اهي شيون ٿينديون جنهن جي لاءِ اسان تيار آهيون.مريم نواز چيو ته قائد اعظم جي مزار تي نعيو پر پي ٽي آءِ ۾ عمران خان جي موجودگي ۾ هنگامو جي جنهن جي ويڊيو موجود آهي ۽ جيڪڏهن قائد اعظم جي مزار تي هن جا ارشاد جا نعرا هنرايا ۽ مادر ملت زندهه باد جي نعري هنيا ته ڪيس ڪيئن بڻجي ويو.هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو ۽ مادر ملڪ زندهه باد جي نعرن کان ڪنهن کي ڊپ ٿو لڳي آئون سڄي ريت ڄاڻان ٿي ۽ ان نعري سان انهن کي اعتراف آهي جيڪي ووٽ ۽ عوام جو مينڊيٽ چوري ڪري آيا آهن، جن فاطمه جناح کان وٺي نواز شريف تائين پاڪستان جي چونڊيل نمائندن کي غدار قرار ڏنو.هن چيو ته هي جيڪي اڻڄاتل ماڻهو آهن اِهي سڀني کي خبر آهن ۽ خلائي مخلوق مان جيڪڏهن توهان زميني مخلو بڻجي ويا ته ڇا ماڻهن کي سمجهه  نه ايندي.مريم نواز چيو ته وقاص احمد جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي آهي ۽ هن جي خلاف قتل جا ڪيس آهن. ڪيپٽن صفدر کي اعليٰ سطح تي ڌمڪيون پيون ملن، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته ڌمڪين سان مريم نواز يا نواز شريف ڊڄي ويندا ۽ پي ڊي ايم اتحاد ۾ ڪو فرق ايندو ته اِها خام خيالي آهي.سندس چوڻ هو ته منهنجي ويجهن ماڻهن ذريعي مون کي بليڪ ميل ڪرڻ کان بهتر آهي ته هتي موجوده آهيان جيڪڏهن همت آهي ته اچو ۽ مون کي گرفتار ڪيو.مريم نواز چيو ته مريم اورنگزيب ٻڌايو آهي ته ڪيپٽن صفدر جي ضمانت ٿي وئي آهي ته اسان گڏجي لاهور وينداسين.ان موقعي تي راجا پرويز اشرف چيو ته پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪوتم ان معاملي تي ڏکايل آهي، اهڙي طرح جي حرڪت اسان سوچي به نٿا سگهون، ڪو معاشرو ان طرح جي شرم جوڳي حرڪت جي اجازت ناهي ڏيندو.سندس چوڻ هو ته ان واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، مذمت جو لفظ اسان جي ڏک ۽ ڪاوڙ کي بيان نٿو ڪري سگهي.هن چيو ته اسان جي وڏي وزير کي ان کان بي خبر رکيو ويو ۽ اسان جي حڪومت جي علم اِها ڳالهه نه هئي پر ان مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار آهي ۽ هن جي پيرن مان زمين نڪري چڪي آهي، حڪومت وقت ۾ اُهي ماڻهو آهن جن کي معاشرتي قدر جي خبر ناهي ۽ هي سازشن تي لهي آيا آهن.راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته ان حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، بلاول ڀٽو،آصف زرداري کي ان واقعي مان ڏک آهي،  مريم نواز اسان جي مهمان هئي، سنڌ جي ثقافت آهي ته پنهنجي مهمان جي عزت وقار جي لاءِ ڪنهن حد تائين وڃي سگهن ٿا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *