اصل ايجنڊا سينيٽ اليڪشن کي روڪڻ آهي حڪومت مارچ ۾ سينيٽ چونڊون کٽيندي: شيخ رشيد

راولپنڊي(م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته 2 مهينن ۾ مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ڪيو ويندو.راولپنڊي ۾ ڪشميري تنظيم جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته مخالف ڌر چوي ٿي ته اسان جنوري ۾ وڃي رهيا آهيون، اصل ايجنڊا سينيٽ اليڪشن کي روڪڻ آهي حڪومت مارچ ۾ سينيٽ چونڊون کٽيندي، پاڪستان جي خلاف عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ۽ ملڪ جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.شيخ رشيد چيو ته مخالف جي ڪا متفقه ايجنڊا ناهي مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته نئين اليڪشن، بلاول قومي حڪومت جڏهن ته مريم نواز سڀني کي ويڙهڻ جي حق ۾ آهي، مخالف ڌر کي ڪجهه نه ملندو ٻُهارو ڦري ويندو، مهانگائي جو سبب اِهو آهي ته ملڪ کي انتهائي بي دردي سان ڦريو ويو آهي مخالف ڌر جنهن فوج کي گهٽ وڌ پئي ڳالهائي ان هر ڏکيائي ۾ قوم کي بچايو آحي.ريلوي واري وزير چيو ته راولپنڊي ۾ ٿاڻي، پٽواري سياست ناهي، راولپنڊي ۾ جلد ٽئين يونيورسٽي به بڻائي ويندي، وزير اعظم عمران خان جلد ئي نئين حسن ابدال ريلوي اسٽيشن جو افتتاح ڪندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *