سليڪٽڊ وزيراعظم هڪ ڏينهن نوٽيس وٺي ٿو ته ٻئي ڏينهن مهانگائي وڌيو وڃي: مولا بخش چانڊيو

حيدرآباد(رپورٽر): سيڪريٽري اطلاعات پيپلزپارٽي سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته سليڪٽڊ وزير اعظم هڪ ڏينهن نوٽيس وٺي ٿو ته وري ٻئي ڏينهن مهانگائي وڌي  وڃي ٿي، وزير اعظم صاحب! خدا جي واسطي توهان نوٽيس نه وٺو ماٺ ڪري ويهي رهو، توهان شين جي کوٽ جو نوٽيس وٺو ٿا ته کوٽ بحران ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، اها ڳالهه هن اڄ پنهنل جي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چئي.هن چيو ته جڏهن توهان مهانگائي جو نوٽيس وٺو ٿا ته شيون عام ماڻهن جي پهچ کان مٿي چڙهي وڃن ٿيون يا توهان مهانگائي ڪندڙ مافياز سان مليل آهيو يا وري توهان جي ڪير ٻڌي ئي نٿو.هن چيو ته نه ڪو وزير توهان جي ڳالهه مڃي ٿو نه وري صلاحڪار ۽ نه ئي سرڪاري مشينري تي توهان جو ڪو اختيارهلي ٿو، سڀني کي خبر آهي ته توهان جي اقتدار جا ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن. هن عمران خان کي مفت صلاح ڏيندي چيو ته پاڻ کي وڌيڪ رسوا ڪرڻ کان بهتر آهي ته گهر ويهي “الٽي گنتي” ڪيو، پي ڊي ايم جي تحريڪ جي شروعات ۾ ئي توهان کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.سينيٽر مولابخش چانڊيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي چڪو آهي ته هاڻي پاڪستان ۽ سليڪٽڊ گڏ نٿا هلي سگهن، گوجرانولا ۽ ڪراچي جا جلسا ئي توهان جي آخري ڏينهن جو تعين ڪري وٺندا _ دما دم مست قلندر ٿي چڪو آهي، ان مستاني نعري اڳيان ته آمر به نه بيهي سگهيا توهان ڇا شئي آهيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *