سکر (بيورو رپورٽ) مخالفن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ موجوده حڪومت جي پُراڻي عادت آهي، بشير ميمڻ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اُن کي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو، پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وڃڻ سبب عوام جون متيون مُنجهي ويون آهن، اهڙي صورتحال ۾ اپوزيشن جماعتن جو ڪم عوام جي ترجماني ڪرڻ آهي، موجوده حڪومت ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري مودي کي فائدو ڏنو ويو، هاڻي ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو سياستدان ناهي بچيو، جيڪو غدار نه هجي، ملڪ ۾ اهڙي روايت پهرين ڪڏهن به نه ڏٺي آهي جو سڀني کي غدار قرار ڏنو وڃي.