ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مولانا عادل خان جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مراد علي شاهه ڪراچي جي علائقي حب ريور روڊ تي موجود جامعه فاروقيه ڪراچي ۾ مولانا عادل خان جي ڀاءَ مولانا عبيدالله خالد ۽ پٽ مولانا مفتي انس سان تعزيت ڪئي.هن چيو ته مولانا عادل خان هميشه اسان جي رهنمائي ڪندو هو ۽ هن جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ به هو.بيان موجب وڏي وزير جي دوري جي موقعي تي مفتي محمد تقي عثماني، مولانا طارق جميل ۽ مولانا حنيف جالنڌري به جامعه فاروقيه ۾ موجود هئا.