اسلام آباد (بيورو) موسمياتي تبديلي بابت مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ سافٽ ڊرنڪس ۽ تماڪ جي استعمال جو وڌندڙ رجحان ڳڻتي جوڳو آهي.اسلام آباد ۾ پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن جي انتظام هيٺ دل جي مرضن جي روڪٿام ۾ عورتن جي ڪردار تي سينيما کي خطاب ڪندي زرتاج گل چيو ته دنيا ۾ آڪٽوبر جو مهينو ڪينسر خلاف آگاهي مهم طور ملهايو ويندو آهي، اسان کي ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو روز جي بنياد تي سافٽ ڊرنڪس جو استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ ڪينسر جا 18 سيڪڙو، دل جي دوري جا 42 سيڪڙو خدشا وڌي ويندا آهن.هن چيو اسان جي حڪومت جي ڪوشش آهي ته درآمد تي گهٽ ڀاڙيون، جيڪي شيون اسان جي ملڪ اچن اهي حلال هجن، برآمد وڌائڻ چاهيون ٿا، توهان قانون سازي تي تجويزون پيش ڪيو، انهن تي عمل ڪرائينداسين.صحت بابت وفاقي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته عورتن کي دل جي مرضن کان بچڻ لاءِ سڻڀ کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان ۾ روز جي بنياد تي 12 سئو ٻار تماڪ واپرائڻ شروع ڪندا آهن، جيڪي ٻارڙيون ڪاليج جي دور ۾ تماڪ واپرائڻ جون عادي ٿي وڃن، اهي شادي کانپوءِ به تماڪ واپرائينديون آهن، جيڪو شاديون ٽٽڻ جو سبب بڻجندو آهي.پ پ سينيٽر روبينا خالد چيو ته اي سگريٽ هڪ خطرناڪ روش آهي، جيڪا نوجوان نسل ۾ عام ٿي رهي آهي، حيرت آهي ته ان جي وڪري تي ڪا نگراني نه پئي ٿئي.