فيصلائتي جدوجهد ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جمهوريت ۽ انصاف جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏينداسين: مريم

لاهور (بيورو رپورٽ) نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز جو لاهور جَي ماڊل ٽائون ۾ نواز ليگ جَي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هو فيصلائتي جدوجهد ڪرڻ پيا وڃن، ملڪ ۾ هر بيماري جو علاج ووٽ کي عزت ڏيڻ وارَي بيانيَي ۾ آهي. مريم نواز چيو ته نوازشريف تي غداري جا الزام مڙهيا پيا وڃن، پر هِيڪهڙو غدار هو جنهن ملڪ جو دفاع مضبوط ڪيو، ڀلي نوازشريف جا اشتهار لڳايو يا دهل وڄايو، پر هاڻي قانون، جمهوريت ۽ انصاف جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏنو ويندو، اجلاس ۾ حڪومت مخالف تحريڪ، جلسن ۽ ريليز تي صلاح مشورا ڪيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *