ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي.پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ تحريڪ انصاف جي صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪندي.هن چيو مان سوال ڪيان ٿو ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ مودي جي والاريل ڪشمير ۾ قدمن ۾ نيٺ ڪهڙو فرق آهي؟سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي قدمن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ به مخالفت ڪئي ويندي.ٻئي پاسي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي آهي.ملاقات ۾ سيد مراد علي شاهه، بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي انتظامي صورتحال کان آگاهه ڪيو.وڏي وزير پارٽي چيئرمين کي سنڌ جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي قدمن بابت به آگاهي ڏني.ان موقعي تي بلاول ڀٽو زردراي چيو ته جيڪڏهن ڀيٽ ڪئي وڃي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ٻين صوبن کان بهتر آهي.هوڏانهن سنڌ جَي سُڌ سماءَ وارَي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ٻيٽ سنڌ جِي ملڪيت آهن، جن تي آرڊيننس ذريعي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي، اسان اهڙَي ڪنهن به انتظام يا ترقي کي رد ڪيون ٿا، جنهن سان مقامي ماڻهن جا حق کسجي وڃن. ناصر شاهه چيو ته ٻيٽن واري زمين سنڌ جي آهي جنهن تي سنڌ جي عوام جي حق آهي. سنڌ ۾ موجود ٻيٽن تي مقامي ماڻهن ۽ مهاڻن جو حق آهي. سنڌ حڪومت وفاق کان مطالبو ڪري ٿي ته آرڊيننس واپس ورتو وڃي.