لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب پارٽي اڳواڻ محمد نوازسريف ۽ ٻين جي خلاف غداري جا ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته محمد نوازشريف، مريم نواز ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي خلاف غداري جو ڪيس عمران صاحب جي بوکلاهٽ جو ثبوت آهي پاڪستان جو عوام پنهنجي مينڊيٽ، آئين ۽ قومي مفادن سان غداري تي عمران صاحب کي ڪيس پهريان ئي داخل ڪري چڪو آهي قائد محمد نوازشريف ۽ ان جي ٽيم تي غداري جو ڪيس اصل ۾ سليڪٽڊ حڪومت جي اقتدار تان وڃڻ جو پيغام ۽ اعلان آهي، ووٽ چور، آئين، جمهوريت ۽ عوام جي مجرمن جو غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ اصل ۾ ان جي سياسي مخالفن جي حب الوطني جو سرٽيفڪيٽ آهي ان ڪيس جو داخل ٿيڻ ثبوت آهي ته ووٽ چور سليڪٽڊ ٽولي جا پير نڪري چڪا آهن هن چيو ته حق ۽ سچ جي آواز کي غداري جي ڪوڙي ۽ بي بنياد ڪيسن سان دٻائي نٿو سگهجي. غداري جو ڪيس پي ڊي ايم جي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ نٿي روڪي سگهي غداري جو نئون موقف ثبوت آهي ته جعلي حڪمرانن جي ڪوڙي احتساب جو موقف فعل ٿي ويو آهي.