حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ ايم ڪيو ايم جي سنڌ ۽ ملڪ دشمن سازش کي عوام ناڪام بنائي ڇڏيو آھي۔ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ دشمن ريلي ۾ عوام شرڪت نہ ڪري نفرت جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو۔ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ ملڪ جا غدار آهن، اهي را ۽ عالمي سامراجي طاقتن جي هدايتن تي پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن۔ سنڌ حڪومت انهن جي خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪري. اياز لطيف پليجي چيو ته ايم ڪيو ايم ھر حڪومت کي بليڪ ميل ڪري اربين روپين جا پيڪيج وٺي عوام جو پئسو لنڊن ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ڪري ڪراچي سميت شھرن کي کنڊر ۽ ڪچري جو ڍير بنائي ڇڏيو۔ ايم ڪيو ايم عوام جي احتساب ۽پڇاڻي کان بچڻ لاء مڪاري جو ڊرامو ڪري مھاجر ڪارڊ کيڏي رھي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته بلديا فيڪٽري سانحي جي ذميوار ايم ڪيو ايم آهي، دهشتگردن ڏهاڪن تائين ڪراچي کي رت ۾ وهنجاريو آهي، ايم ڪيو ايم هزارين معصوم ماڻهن جي قاتل آهن۔ هنن سڀ کان وڌيڪ اردو ڳالهائيندڙ مائرن جون جهوليون خالي ڪيون آهن. اهي دهشتگرد ٻيهر صوبي جي ڳالھ ڪري نفرت پکيڙي رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ 22 مئي 12 مئي نشترپارڪ ۽ يوم عاشور سانحي سميت ايم ڪيو ايم انيڪ بربريت ۽ ظلم جا داستان لکيا آهن هنن ڪراچي ۾ وڪيلن کي زنده ساڙي ڇڏيو جنهن بہ ايم ڪيو ايم سان مخالفت ڪئي، انهن کي ٻورين ۾ بند ڪري موت جي ننڊ سمهاريو ويو سفاڪ ۽ جلاد دهشتگردن ڪراچي جي محصوم ماڻهن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي ملڪ جي سياست کي قيد ڪيو. هاڻ بہ بليڪ ميلنگ واري سياست ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اردو ڳالهائيندڙ محب وطن ۽ سنڌ جو حصو آهن پر ايم ڪيو ايم چاهي ٿي تہ اردو ڳالهائيندڙ سنڌ سميت پنجابي پشتون بلوچ سرائيڪي ۽ ٻين ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن سان نہ جڙي سگهن جنهن ڪري ھميشہ نفرت جي سياست ڪئي وڃي ٿي اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي ڌار صوبي جون ناپاڪ سازشون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن اهي ملڪ جا سنڌ جا ۽ عوام جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. عالمي سامراجي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿي ۽ نئون اسرائيل بنائي هن خطي کي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي چاهي ٿي نئين صوبي جي ڳالھ ڪندڙ ان عالمي سامراجي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن۔