ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوازشريف انتهائي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي ۽ ڀارت نوازشريف جِي پوري مدد ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا مونکان پُڇِي اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات ڪئي هئي، نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته اپوزيشن کي احتجاج ڪرڻ جو حق آهي پر جيڪڏهنقانون ٽوڙيو ويو ته هڪ هڪ کي جيل ۾ وجهنداسين.