جن عمران خان جهڙي سوکڙي ملڪ تي مڙهي اهي جواب ڏين: نواز شريف

لاهور ( بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان عمران خان کي اهميت نه ٿا ڏيون، اُنهن کي جواب ڏيڻو پوندو، جِن اها سوکڙي اسان مٿان مڙهي ڇڏي. آئون ملڪ کي بچائڻ لاءِ نڪتو آهيان ته هاڻي واپس نه موٽندس، مون کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. نواز شريف چيو آهي ته اليڪشن ۾ اسان جو مينڊيٽ چوري ڪري ٻين کي ڏنو ويو، نتيجي ۾ ملڪ تباهي ڪناري تي پهچي ويو آهي. بلوچستان ۾ سندن حڪومت کي ڪيرائي نوان بونا آندا ويا ۽ سينيٽ اليڪشن کي سبوتاز ڪيو ويو، بدقسمتي آهي جو ملڪ جو 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ماڻهو لنڊن مان خطاب ڪري رهيو آهي. ارشد ملڪ فارغ ٿي ويو پر منهنجي سزا اڃا معطل نه ٿي آهي. نواز ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس کي لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب دوران نواز شريف چيو ته هڪ پاسي پارليامينٽ ۽ سياسي پارٽيز جي ماڻهن کي بي ايمان سڏيو وڃي ٿو، ٻئي پاسي امريڪا ۾ اربين رُپين جي ملڪيت ٺاهيندڙ عاصم سليم باجوه کي سمجهوتي تحت ايمانداري جو سرٽيفڪيٽ ڏئي استعيفيٰ رد ڪئي وڃي ٿي. هاڻي اهو ٻٽو معيار هلڻ نه ڏينداسين، عاصم سليم باجوه کي نيب ذريعي نوٽيس نه ٿو اُماڻيو وڃي ته ڀلا ميڊل ڏئي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *