ڪورونا وائرس سبب ٻيهر اسڪول بند نه ٿيندا، اهڙيون ڳالهيون ڪوڙيون آهن: سعيد غني

نوابشاهه (م ڊ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب اسڪولن کي ٻيهر بند ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي.نوابشاهه ۾ چيمبر آف ڪامرس جي حلف برداري تقريب سان خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ڪورونا وائرس جي وڌندڙ اثرن سبب لاڪ ڊائون جو آپشن موجود آهي، سنڌ حڪومت مسلسل اسڪولن جي نگراني ڪري رهي آهي پر اسڪول ٻيهر بند ڪرڻ جون ڳالهيون رڳو افواهه آهن، اڳتي جون حالتون ڏسي فيصلو ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي موجودگي ۾ ملڪي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، گئس جو بحران وڌندو پيو وڃي، انڊسٽريون خراب طريقي سان متاثر ٿي رهيون آهن ۽ مهانگائي عروج تي آهي، جڏهن ته دوائن جا اگهه به عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته پ پ چاهي ٿي آئين موجب نئين آدم شماري ۽ نين تڪ بندين تي مڪاني چونڊون ٿين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *