توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چرچ آف پاڪستان پشاور جي ناظم کي خط لکي ڇڏيو

شڪارپور (رپورٽر) توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ چرچ آف پاڪستان پشاور جي ناظم کي خط لکي ڇڏيو. صوبائي وزير بشپ ھمفيري سرفراز پيٽرس کي ھينري ھالينڊ اکين واري اسپتال جي وڪري کي ختم ڪرائڻ لاء خط لکيو آهي. صوبائي وزير خط ۾ ڄاڻايو آهي ته تاريخي اسپتال سر ھينري ھالينڊ مشن آءِ اسپتال جو وڪرو غير قانوني آھي. چرچ مشنري ٽرسٽ ايسوسيئيشن تاريخي اسپتال کي وڪرو ڪرڻ غير قانوني آھي. خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شڪارپور جو عوام اھڙي وڪري تي سخت ناراض ۽ ڪاوڙ ۾ آھي. سنڌ حڪومت اداري کي بچائڻ لاء قبضا مافيا کي ڀڄائي ڇڏيو . صوبائي وزير خط ۾ ڄاڻايو ته عوامي ڀلائي لاءِ اداري کي ساڳي نالي سان ٻيھر ٺاھڻ چاھيون ٿا اجازت ڏني وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *