ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪي اليڪٽرڪ، سيپڪو ۽ حيسڪو طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب نه گهٽيو، ڪراچي ۾ گلشن اقبال، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، قائد آباد، گلستان جوهر، ايف بي ايريا ۽ ٻين علائقن ۾ 6 کان 10 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گئس فراهمي ۾ اوچتو گهٽائي سبب لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي آهي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، دادو، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جي نتيجي ۾ معمول جو ڪاروهنوار متاثر، شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏيڻ لڳا، ٺٽي ضلعي جي هيڊڪواٽر مڪلي ۾ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب، مختلف علائقن ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ ۽ خراب ٽرانسفارمر لڳڻ جون دانهون، ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺ جي بجلي ڪاٽا ٿيڻ خلاف رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويا، ڳوٺ باغات مالهي واسين طرفان حيسڪو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، مڇريل ماڻهن طرفان ٽائرن کي باهيون ۽ حيسڪو عملدارن خلاف نعريبازي، ڌرڻي سبب ڪوٽ غلام محمد کان سامارو، ڪُنري ۽ ميرپورخاص ويندڙ ٽرئفڪ ڪيتري ئي دير تائين معطل ٿي وئي.