ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ حڪومت جي ترجمان قانون ۽ ماحوليات واري صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي عدالت ۾ پيشي دوران وڪيلن کي روڪڻ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت انتظامي ادارن کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ عدالتي نظام تي حملو ڪرڻ پئي چاهي ۽ وفاقي حڪومت جي چوڻ تي عدالتن جي ٻاهر وڪيلن کي وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي.هن چيو ته اهو ڪهڙو نظام آهي جتي وڪيلن کي عدالت وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي، اهڙا رويا انصاف جي تقاضائن خلاف آهن.