سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو چاڙهه جاري،گڊو وٽ وڏي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪچي جو علائقو ٻڏي ويو

سکر (ڊ ر) لڳاتار برساتن سان سنڌو درياهه ڀرجي ويو، مٿانهين درجي جي ٻوڏ سبب سوين گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺ ۽ فصل پڻ پاڻي هيٺ اچي ويا. تفصيل موجب سنڌو درياهه ۾ مٿانهين درجي جي ٻوڏ سبب ڪچي جا علائقا ٻڏي ويا، روهڙي ۽ پنوعاقل وچ ۾ 40 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچڻ سان انهن جو زميني رابطو ڪٽيل آهي ۽ لکين ڳوٺ جاگيراڻي ڳوٺ، مبين شيخ، عزيز جتوئي، ۽ ٻين ڳوٺن جا رهواسي بي گهر ٿي ويا جڏهن ته انتظاميه پاران ريسڪيو نه ڪرڻ تي متاثر ڦاٿل آهن، دادو مورو پل وٽ سنڌو درياهه جي سطح لڳاتار وڌي رهي آهي. پاڻي جي چاڙهه سبب گل محمد ڪوريجو، ڇٽو مستي، نبن جتوئي سميت 25 ڳوٺ ۽ بيٺل فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو، گڊو بئراج تي پاڻي جو وهڪرو ساڍا پنج لک ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو پنجاب مان پاڻي جو وڏو وهڪرو گڊو بئراج ڏانهن وڌي رهيو آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو امڪان اهي ٻوڏ جي متاثرن جو چوڻ آهي ته انتظاميه ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪوبه انتظام ناهي ڪيو اسان جو فصل گهرن جو سامان ۽ گهر ٻڏي ويا آهن. ٻئي پاسي سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو وهڪرو تيزي سان وڌي رهيو آهي، گڊو بئراج تي مٿانهين جڏهن ته سکر بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ آهي فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته 12 ڪلاڪن ۾ گڊو بئراج تي 33 هزار ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي 13 هزار ڪيوسڪس جي واڌ ٿي جڏهن ته گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 548104، نيڪال 520086 ڪيوسڪ ۽ سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 440208، نيڪال 401888 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *