تعليم کي قومي سلامتي ۽ ترقي جو حصو بنائڻو پوندو، قومي ترجيحن ۾ اول نمبر هئڻ گهرجي: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو آهي ته تعليم کي قومي سلامتي ۽ ترقي جو حصو بنائڻو پوندو قومي ترجيحن ۾ اول نمبر هئڻ گهرجي، عالمي يوم خواندگي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا علم ۽ ڄاڻ سان نون رازن سان سرشار ٿي رهي آهي. اسان کي به پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته نوجوان آبادي واري ملڪ جي طور تي تعليم اسان جي لاءِ زندگي ۽ موت جيتري اهميت رکي ٿي وزيراعظم نوازشريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تاريخي قدم کنيا هن چيو ته پنجاب ايجوڪيشن فنڊ جي ذريعي 22 لک ٻارڙن کي معياري تعليم جي سهولت فراهم ڪئي ويئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *