نئون ڪوٽ ( رپورٽر) آبپاشي واري صوبائي وزير سهيل انور سيال ايل بي او ڊي کي آر ڊي 287 وٽان پنج ڏينهن اڳ لڳل گهاري واري ھنڌ ٻيڙي ذريعي پهچي جائزو ورتو. رهواسين ڪوٽ مير جان محمد وٽان ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري واري هنڌ جو معائنو ڪري واپس موٽندڙ آبپاشي وزير سهيل انور سيال جي گاڏي جو گهيرا ڪري کيس گهاري واري هنڌ ڏانهن واپس موٽائي ڇڏيو. متاثرن جو صوبائي وزير کي چوڻ هو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود گهارو بند نه ٿيڻ سبب سندن گهر ۽ فصل ٻڏي ويا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ايل بي او ڊي کي لڳل گهاري واري هنڌ ڏانهن زميني رستو ناهي آبپاشي کاتو ٻيڙين ذريعي گهارو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي جنهن سبب دير ٿئي آهي. سهيل انور سيال چيو ته سڀاڻي شام تائين اميد آھي ته گهارو بند ٿي ويندو، گهاري واري هنڌ تازي برسات پوڻ سبب ڪم متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته زيرو پوائينٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ سان هڪ شھر بچائڻ ڪري اتان جي آبادي متاثر ٿيندي. ايل بي او ڊي کي زيرو پوائينٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ لاء آبپاشي عملي جي ٽيم جائزو وٺندي.