ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ايل بي او ڊي کي گهارن جي نتيجي ۾ ٿيل نقصان ۽ متاثرن جي سهائتا لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي مدد گهري ورتي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ليفٽ بئنڪ تي تمام گهڻي تباهي آئي آهي، وفاقي سرڪار صلاح مشورن ۽ پلان جوڙڻ ۾ وقت وڃائڻ بدران فوري طور تي سڄي سنڌ لاءِ مدد ڪري، اسان کي رڳو ڪراچي نه، پر سڄي سنڌ لاءِ مدد گهرجي، ليفٽ بئنڪ جا ماڻهو تمام گهڻين کي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن ۽ پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ايل بي او ڊي پاڻي جي فطري لنگهن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، سم نالي کي گهارو ٻڌڻ لاءِ رستو ئي نه هو ته ٻيڙين ذريعي ماهرن ۽ سامان کي اُتي پهچايو ويو، ايل بي او ڊي سنڌ حڪومت نه ٺاهيو آهي، هڪ پُراڻي اسڪيم تي عمل ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌ سخت تڪليف ۾ آهي، وفاق مدد ڪري، اسان کي ڪراچي لاءِ نه سموري سنڌ لاءِ مدد گهرجي، وفاقي حڪومت مدد ڪري،باقي ڪراچي تي سياست نه ڪري، برساتن سبب سنڌ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، نئن گاج جي وهڪري ڪاڇي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، برسات ڪراچي کي وڌيڪ نقصان پهچايو، وڏي وزير چيو ته عمرڪوٽ ۾ 523 ملي ميٽر برسات پئي، ميرپورخاص ۾ 643 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڪراچي کان وڌيڪ ميرپورخاص ۾ برسات پئي، سنڌ ۾ برساتن سبب 101 انساني جانيون ضايع ٿيون آهن، سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 38 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جوهي جي ڪاڇي ۾ٻوڏ سبب 2 لک ماڻهو متاثر ٿيا، عمرڪوٽ ۾3 لک ۽ سانگهڙ ۾ڏيڍ لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ بدين ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن.