سمنڊ ۾ چاڙهه بعد ايل بي او ڊي ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿيو ۽ گهارا پيا، سم نالي تي اڃا به دٻاءُ برقرار آهي:وزيراعليٰ سنڌ

ڪراچي (نمائندن وٽان) وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان نئون ڪوٽ، ٽنڊو محمد خان، جهڏو، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين برسات متاثر علائقن، سم نالن ۽ بندن جو دورو، ايل بي او ڊي سِم نالي کي لڳل گهارن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آيل تباهيءَ جو جائزو، متاثرن سان ملاقاتون، ٽندو جان محمد ۾ وڏي وزير کي ميرپور خاص جي آبپاشي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن طرفان گهارن جي هاڃن بابت تفصيلي بريفنگ، ٽنڊو جان محمد ۾ وڏي وزير جي دوري دوران سِم نالي جي متاثرن طرفان مظاهرو ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ وڏي وزير جي دوري دوران سيڪيورٽي جي نالي تي رستا بند ٿيڻ خلاف متاثرن ۽ مسافرن مظاهرو ڪيو، مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، متاثر چيو آهي ته وڏو وزير ڀلي دوري تي اچي، پر رستا بند ڪري کين ڇو روڪيو ويو آهي، هڪ پاسي گهارن ڪيترن ئي ڳوٺن ٻوڙي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي لڏپلاڻ ڪندڙ مسافرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي بيهاري انتظاميا سندن اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، ٻئي پائي وڏي وزير مراد علي شاهه ميرپور خاص ضلعي ۾ برسات ۽ ايل بي او ڊي کي گهارن سبب هيل تائين 3 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ضلعي ۾ فصل به بدترين نموني متاثر ٿيا آهن، سمنڊ ۾ چاڙهه بعد ايل بي او ڊي ۾ پاڻي اوور ٽاپ ٿيو ۽ گهارا پيا، سم نالي تي اڃا به دٻاءُ برقرار آهي، سم نالي کي لڳل هڪ گهارو بند ڪيو ويو آهي، ٻئي گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *