ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ تاريخ مقرر

اسلام آباد(بيورو)احتساب عدالت ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 9 سيپٽمبر جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج محمد اعظم خان ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن جوابدارن تي 9 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندو. اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر طرفان هڪ ڏينهن جي لاءِ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي جنهن کي عدالت منظور ڪيو.عدالت ريفرنس ۾ جوابدار تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جنهن جي تحت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت سمورن جوابدارن تي 9 سيپٽمبر تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *