پاڪستان گذريل 74 سالن ۾ اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏنو آهي:وزيراعظم

ڪراچي/اسلام آباد (اسٽاف رپورٽر/بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ پاڪستاني قوم  14 آگسٽ 2020ع تي ڀرپور ملي جوش ۽ جذبي سان پنهجو 74هون آزادي وارو ڏهاڙو ملهايو.ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب ڏينهن جو آغاز مسجدن ۾ فجر جي نماز کان پوءِ وطن عزيز جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعائن سان ٿيو جڏهن ته والاريل ڪشمير جي عوام ڀارتي غلام مان ڇوٽڪاري لاءِ به خاص دعائون ڪيون.جنهن کان پوءِ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ صبح سوير 31 توپن جڏهن ته چئني صوبائي گادي وارن هنڌن ڪوئيٽا، ڪراچي، لاهور ۽ پشاورسميت گلگت ۽ مظفر آباد ۾ 21-21 توپن جي سلامي ڏني وئي.جشن آزادي جي موقعي تي ملڪ جي سمورن اهم ۽ سرڪاري عمارتن تي قومي جهنڊو لهرايو ويو ۽ جشن آزادي جي مناسبت هنن کي خوبصورتي سان سجايو ويو آهي.ٻئي پاسي چاهيون ٿا ته ڪشمير کي به آزادي ملي ته جيئن ورهاڱي جو مقصد پورو ٿي وڃي، وزيراعظم عمران خان قوم کي وڊيو پيغام جاري ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته ڪشمير کي به آزادي ملي ته جيئن ورهاڱي جو مقصد پورو ٿي وڃي، قوم کي خوشخبري ڏيان ٿو ته حالتون بهتر ٿي ويون، وزيراعظم آزادي جي جدوجهد ۾ قربانيون ڏيندڙ هيروز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 74 سالن ۾ اندروني ۽ ٻاهرين محاذن تي ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏنو، پاڙيسري ملڪ جي دشمني ۽ دهشتگردي جو به ڄمي مقابلو ڪيو، قدرتي آفتن ۽ وبائي حالتن ۾ به پاڪستاني قوم ثابت قدمي جو ثبوت ڏنو آهي، مديني جي رياست کي پنهنجو روڊ مال بڻائي ملڪ اندر حڪمراني جو اهڙو نظام آندو ويندو، جيڪو آزادي ۽ قانون جي حڪمراني واري نظرئي مطابق هجي، پاڪستاني عوام ڪشميري ڀائرن سان به گڏ آهي ۽ هر عالمي فورم تي ڪشمير جي حق خود اراديت لاءِ آواز بُلند ڪيو ويندو، هاڻي اسان قائداعظم جي پاڪستان طرف وڃون پيا، قائداعظم جي پاڪستان طرف اسان وک وڌائي ڇڏي، ڪورونا کي ڪاميابي سان منهن ڏيڻ تي قوم کي مبارڪون قوم کي خوشخبري ڏيان ٿو ته حالتون بهتر ٿي ويون، ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا، هاڻي معيشت اسري آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان منزل تي پهچنداسين، قوم کي سستي بجلي فراهمي جي خوشخبري جلد ملندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *