پاڙيسري ملڪ ۾ بدامني جي لهر سان پاڪستان کي نقصان ٿي سگهي ٿو:صدر پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترن ئي چئلينجز کي ڪاميابي سان منهن ڏنو آهي، 74 سالن جي تاريخ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو ڄمي مقابلو ڪرڻ تي پاڪ فوج ۽ پاڪستاني قوم جسُ لهڻي، پاڪستان ڀارت ۾ امن چاهي ٿو پر جڏهن ڀارتي حڪومت پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٻرندي تي تيل هارڻ جو ڪم ڪري ته ڇا ٿا ڪري سگهون، پاڙيسري ملڪ ۾ بدامني جي لهر سان پاڪستان کي نقصان ٿي سگهي ٿو، ايوان صدر ۾ جشن آزادي جي تقريب کي خطاب دوران ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۾ قومي هيروز ڊاڪٽرز ۽ عوام کي به ڀيٽا پيش، وبا ۾ فوتي ٿيلن جي وارثن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويو.ملڪ جي صدر عارف علوي چيو ته يوم آزادي ملهائيندي اسان کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيندڙ ڪشميري ڀيڻن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي.پنهنجي پيغام ۾ ملڪ جي صدر چيو ته ڀارت 3 ڏهاڪن کان انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي لاڪ ڊائون کي لاڳو ڪرڻ کان پوءِ بي گناهه ڪشميرين جي عدالت کان مٿانهين قتل سان گڏوگڏ جبر ۽ ستم ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي.هن چيو ته ڀارت سمورين اقليتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ نفرت ۾ واڌ لاءِ هندوتوا نظريو لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا.صدر جو چوڻ هو ته آئون ڀارتي ظلمن کي منهن ڏيندڙ همت وارن ڪشميرين کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان هن جي جدوجهد ۾ سندس حق خوداراديت جي لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو.قوم کي مخاطب ڪندي هن چيو ته هر پاڪستاني کي مضبوطي سان بيهر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ قوم کي پيش ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏ رهڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *