اسلام آباد(بيورو)سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن طرفان ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح ڏني وئي.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شبلي فراز چيو ته قائد اعظم جنهن خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو ان جي اهميت هاڻ وڌيڪ واضح ٿي وئي آهي، اسان جو فرض آهي ته ايندڙ نسلن کي مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ڏيون، اسان کي عهد ڪرڻو پوندو ته وطن عزيز جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپرو ڪردار ادا ڪيون.وفاقي وزير چيو ته وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ ڪوشان آهي. موجوده حڪومت نئين پاڪستان جو ويزن ڏئي پاڻ کي عوامي ترقي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ماضي جي حڪمرانن طرفان ذاتي مفاد کي قومي مفاد تي ترجيح ڏني وئي. ماضي جي پاليسين جي ڪري پاڪستان کي گهڻو نقصان ٿيو.