ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صورتحال بدترين آهي، توهان جي حڪومت کي ڪيترا سال ٿي ويا آهن؟ توهان سڀ ويهي مزا وٺي رهيا آهيو، ڪراچي شهر ۾ حڪومت جي رِٽ ڪٿي آهي؟ سُپريم ڪورٽ جو اي جي سنڌ کان پُڇاڻو، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سنڌ کي بهتر ڪير ڪندو؟ ڪراچي ۾ روڊ ناهن، بجلي ۽ پاڻي به نه آهي، ڇا ٻين ملڪن ۾ به ماڻهو اهڙن مسئلن تي سُپريم ڪورٽ ويندا آهن؟ ماڻهو ويچارا مجبور ٿي ويا آهن، هتي مافيا وٺي آهي، جنهن جو مقصدرڳو ڪمائڻ آهي، حڪومت کي خبر به نه آهي ته ڪنهن جي ملڪيت ڪنهن جي نالي تي رجسٽر ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ جيترا منصوبا شروع ڪيا ويا، سڀ ضايع ٿي ويا، ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ دادو سوڌو سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي، هڪ رُپيو به خرچ نه ٿيو ۽ سڀ پئسا ختم ٿي ويا، چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، مجموعي طور تي حڪومت قائم آهي پر ڪم نٿو ٿئي. ڪراچي ۾ سمورن نالن جي صفائي اين ڊي ايم اي حوالي، سُپريم ڪورٽ اين ڊي ايم اي کي نالن جي صفائي سوڌو حددخلين خلاف آپريشن ۽ ٻيا مسئلا ڏسڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، صوبائي حڪومت کي اين ڊي ايم اي کي مدد مهيا ڪرڻ جو حڪم، ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن جي معاملي تي ٻڌڻي دوران شاهراهه فيصل تي 14 آگشت جي حوالي سان سائين بورڊ لڳائڻ تي به ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي سائين بورڊز حڪومت طرفان لڳايا ويا ۽ اُنهن تي قائد اعظم جا قول لکيل آهن، ڇا قائد اعظم جا قول ٻڌائڻ جو اهو طريقو آهي، عدالت ڪشنر ڪراچي کي سمورا سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، نه سنڌ حڪومت ڪم ڪري پئي ۽ نه ئي لوڪل باڊيز ڪم ڪري رهيون آهن، سُپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن بابت ڪمشنر طرفان جمع ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي، سنڌ حڪومت ۽ لوڪل باڊيز تي ڪاوڙ جو اظهار، چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيو، رڳو هيليڪاپٽرز تي چڪر ڏئي واپس اچي ويندا آهيو، اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته اسان ويندا آهيون ته ماڻهو مارڻ شروع ڪندا آهن، امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ نالن تان حددخليون ختم ڪيون وينديون، چيف جسٽس چيو ته اها ته حڪومتي رِٽ آهي، سڄي شهر ۾ گٽر جو پاڻي ڀريل آهي، پاڙن ۽ گهٽين ۾ گٽر جو پاڻي موجود آهي، ماڻهو پٿر رکي هلندا آهن، ڪمشنر ڪراچي رپورٽ ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ٽن وڏن نالن تي اين ڊي ايم اي 514 ننڍن نالن تي ڊي ايم سيز طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي، ماڻهو 10 سالن کان نالن تي رهن پيا، چيف جسٽس چيو ته گذريل 20 سالن کان توهان ڪجهه ناهي ڪيو.