پنجاب حڪومت ليگي ڪارڪنن جي خلاف ڪوڙي ۽ غلط ڪارروائي پئي ڪري: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته پنجاب حڪومت مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي خلاف ڪيتري ڪوڙي ۽ غلط ڪارروائي پئي ڪري.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته جڏهن هن قانون تي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته اسان آئين ۾ پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حقن ۽ مقامي واپاري برادري جي اعتماد کي به نظر ۾ رکيو.ان موقعي تي هن گذريل ڏينهن مريم نواز جي لاهور ۾ نيب آفيس ۾ پيشي جي موقعي تي هنگامي جي ڪارروائي جو ذڪر ڪندي چيو ته راڻا تنوير صاحب ڪل اسپيڪر صاحب توهان سان چيمبر ۾ موجود هو ۽ ڪالهوڪي واقعي جي ايف آءِ آر ۾ هن جو به نالو موجود آهي ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته پنجاب حڪومت مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن جي خلاف ڪيتري ڪوڙي ۽ غلط ڪارروائي ڪري رهي آهي.خواجا آصف چيو ته مون راڻا تنوير صاحب کي مهملي واري رٿ آڻڻ جو چيو آهي ته جنهن تي اسپيڪر هن کي خاطري ڪرائي ته هو هن کي مهملي واري رٿ پيش ڪرڻ ڏيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *