اسلام آباد (بيورو رپورٽر) سُڌ سماء وارَي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ اٽَي جا هڪ جيترا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جِي هدايت ڪئي آهي. شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ جاري نه ٿي ڪري، جنهن سبب اگهه مقرر ڪرڻ ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جِي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽو تمام گهڻو مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته کنڊ سميت کاتي پيتي جون شيون ذخيرو ڪندڙ مافياز جِي چيلهه ڀڃڻي آهي. عوام کي سستيون شيون فراهم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي.