سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي معاملي تي وفاق کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي اگهن ۾ واڌ جي معاملي تي وفاق کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي اگهن ۾ واڌ ناانصافي آهي، 3 سئو کان 7 سئو يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ رپيو 65 پئسا في يونٽ واڌ تي وفاق نوٽيس وٺي.هن چيو ته خراب ڪارڪردگي ۽ شديد لوڊشيڊنگ باوجود ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي واهپيدارن تي بلن جو بار وڌائي رهي آهي، ڪراچي واسين سان ڪي اليڪٽرڪ جي ناانصافي تي وفاق جي پراسرار خاموشي سواليا نشان آهي.سندس چوڻ هو ته بجلي اگهن ۾ واڌ تي وفاق نوٽيس وٺي، ڪراچي کي بنا وقفي ۽ سستي بجلي جي فراهمي لاءِ وفاق پنهنجون ذميواريون نڀائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *