لاهور (بيورو رپورٽ) لاهور ۾ مريم نواز جي پيشي کان اڳ نيب آفيس ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن جي چڪرين بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس اهلڪارن طرفان ليگي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ، ڪارڪنن جو پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ، رڪاوٽون هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پنجاب جي وڏي وزير نيب آفيس ٻاهران چڪرين جو نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته نيب آفيس ٻاهران پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، ڪيترن ئي نواز ليگ جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، لاهور ۾ نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز ٻيهر نيب آفيس ٻاهران پهتي، نيب آفيس ٻاهران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مريم نواز طرفان واپس نه وڃڻ جو اعلان ڪيو ويو، وڏي انگ ۾ ڪارڪن مريم نواز سان گڏجي ويا، مريم نواز جو چوڻ هو ته بيان رڪارڊ ڪريو، اڄ مان هتان نه وينديس، مريم نواز گاڏي مان لهي آئي، هتي بيٺي آهيان، گهرايو آهي ته جواب به ٻڌي وٺو، مون کي نقصان پهچائڻ لاءِ نيب آفيس گهرايو ويو، هن چيو ته پوليس جي پٿراءَ سبب منهنجي گاڏيءَ جا شيشا ٽٽي پيا، مريم نواز جو چوڻ هو ته گاڏي بلٽ پروف نه هجي ها ته مون کي نقصان ٿئي ها، ڊنل آهيو ته پوءِ گهرايو ڇو ٿا، اسان جا حوصلا بلند آهن.نواز ليگ گهڻو ڀوڳيو ۽ برداشت ڪيو، هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت کي پنهنجو فڪر ڪرڻ گهرجي، بيساکي ۽ 6 مهينن جي مهلت تي هلندڙ عمران خان جي حڪومت مان نواز شريف جي قيادت ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين، نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا وزير هاڻي عوام ڏانهن وڃڻ جي قابل نه رهيا آهن، اُهي منهن لڪائڻ سان گڏ ڪن بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ سوچين ٿا ته عمران خان جي دوکي ۾ وڌيڪ نه اچڻو آهي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڊگهي عرصي تائين خاموش بابت سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته اسان کي لاش نه، زنده ليڊر گهرجن، منهنجي ۽ نواز شريف جي خاموشي ايڏي گونجي رهي آهي جو پي ٽي آءِ وارن کي ڪنن تي هٿ رکڻا پئجي رهيا آهن، پيپلز پارٽي جي اي پي سي تي سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته ميان صاحب جون واضح هدايتون آهن ته مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۽ نگراني ۾ اي پي سي جو فورم ڀرپور طريقي سان استعمال ڪيو وڃي، نواز ليگ ۾ ڪي به الڳ الڳ ڪئمپس نه آهن.