پاڪستان والاريل ڪشمير کي پنهنجي نئين سياسي نقشي جو حصو بڻائي ڇڏيو:وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد نئون سياسي نقشو جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان والاريل ڪشمير کي پنهنجَي نئين سياسي نقشي جو حصو بڻائي ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جِي منظوري بعد نئون سياسي نقشو جاري ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جو نئون سياسي نقشو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو پاڪستاني قوم جِي ترجماني ڪري ٿو، ڪشمير جو حل گڏيل قومن جَي ٺهرائن ۾ آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نقشي بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته اڄ کانپوءِ هِي نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو ، سياچِن ڪالهه به اسانجو هو، اڄ به اسان جو آهي، نقشي بابت ڪشميري قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، جِي پاڪستان جَي موقف جِي حمايت ڪئي، ڀارت کي واضح پيغام آهي ته پاڪستان ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان سدائين گڏ آهي….ٻئي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان اُن وقت تائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين هنن کي سندن جائز حق ۽ حق خوداراديت نٿو ملي.پرڏيهي وزارت ۾ ڪشمير جي صورتحال تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سڄي قوم، سموريون سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي گڏيل موقف رکي ٿي.پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري غير قانوني قدمن، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني.شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5  آگسٽ تي ڀارت طرفان غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غير آئيني ۽ هڪطرفي قدمن کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر سڄي خطي جي امن و امان جي لاءِ خطري جو سبب آهي، ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائل قانون ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو عالمي قانون جي خلاف آهي.پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي گڏ آهن.هن چيو ته آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي سبب نه رڳو ڪشميرين پر ڀارت اندر وسندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکيا، ڀارت جبر قيد جي اذيتن باوجود هٿين خالي ڪشميرين جا حوصلا ٽوڙي نٿو سگهي.شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا جي سامجون ڀارتي حڪومت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي منافرت پسند پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، سڌُ سماءَ واري وزير سينيٽر شبلي فراز، قانون واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم، ڪشمير معاملن بابت وزير علي امين گنڊاپور، چيئرمين ڪشمير ڪميٽي شهريار آفريدي، پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان، قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، سينيٽر مشاهد حسين سيد، فرخ حبيب، سينيٽر راجا ظفر الحق، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر مشتاق احمد، مولانا عبدالاڪبر چترالي، ايمل ولي خان، سينيٽر ستاره اياز، سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ، سينيٽر مرتضيٰ جاويد عباسي، خواجا آصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *