اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ڪيس ۾ ڪميشن رپورٽ اٽارني جنرل کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل کي وفاقي حڪومت کان هدايتون وٺي عدالت ۾ 4 هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي به هدايت، سپريم ڪورٽ ۾ پشاور جي اي پي ايس سانحي ڪيس جِي ٻڌڻي ٿي، شهيد ٻارڙن جا والدين عدالت ۾ پيش، انصاف ۽ انڪوائري ڪميشن رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ استدعا، چيف جسٽس ٻارڙن جي والدين سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان ظلم ٿيو، ائين نه ٿيڻ کپندو هو، ڇا ڪريون اها الله جي مرضي هئي، جيڪو ٿي ويو، ان کي واپس نٿا ڪري سگهون، ڪميشن جي رپورٽ ڳجهي آهي، حڪومت جو جواب اچڻ بعد ئي جيڪو قانون موجب ٿي سگهندو اهو ڪنداسين، چيف جسٽس جو چوڻ هو ته واقعي بابت حقيقتون رپورٽ ۾ سامهون آيون آهن، فيصلو عدالت کي ئي ڪرڻو آهي، رپورٽ ڳجهي آهي، حڪومتي جواب بعد ئي متاثرن کي ڪاپي فراهم ڪري سگهجي ٿي عدالت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي وفاقي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.